توانائي جي شعبي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم

 وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه اجلاس کان پوءِ ڳالهيون ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ عورتن جي تعليم بابت شاندار ڪانفرنس ٿي ۽ عورتن جي تعليم بابت وڏا چيلنجز پيش آهن. هن چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان اچڻ خوشي جوڳو آهي تعلي جو شعبو معاشري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. قومي ايئر لائن بابت ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته يورپ جي لاءِ پي آءِ اي اڏامن جي بحالي تي ڪابينه کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ يورپ جي لاءِ پي آءِ اي جي بحالي وڏي ڪاميابي آهي. اميد ڪريون ٿا ته پي آءِ اي جون اڏامون جلد لنڊن به وينديون. وزيراعظم چيو ته ڪرم ۾ حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن ڪرم ۾ بنڪرز کي به ڪيرايو پيو وڃي اميد آهي ته اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ڪرم ۾ امن برقرار رکندا. جڏهن ته ڪرم ۾ عام واهپي جون شيون ۽ دوائون به پهچايون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون تعريف جوڳيون آهن. پاڪ فوج جي قربانين جي سموري قوم کي خبر آهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.