اسلام آباد: وفاقي حڪومت توانائي شعبي ۾ اهم سڌارن جو اشارو ڏيندي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.نجڪاري بابت مملڪتي وزير محمد علي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي معيشت هن وقت رڳو ترقي نه پر رياستي نظام جي بقا جي چئلينجن کي به منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هڪ پاسي حڪومت مالي استحڪام، آءِ ايم ايف جي هدفن ۽ مالي نظم و ضبط تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي سرڪاري ادارن جا وڌندڙ خسارا ۽ توانائي شعبي جو گردشي قرض قومي معيشت تي وڏو بار بڻيل آهن.
محمد علي موجب حڪومت گذريل ڇهن مهينن کان ڊسڪوز جي مالي تنظيمِ نو تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي صاف ۽ مستحڪم مالي صورتحال واريون ڪمپنيون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته نجڪاري جو مقصد بجلي جي ورهاست واري نظام کي بهتر بڻائڻ، نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ صارفين کي بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ آهي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته توانائي شعبي ۾ آندل اهي سڌارا ڪارڪردگي ۾ واڌ جو سبب بڻجندا ۽ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.