توشه خانه ڪيس:عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ڪيا.عدالتي حڪمن جي باوجود عمران خان سيشن ڪوٽ ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظفر اقبال سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان کي عدالت اڄ طلب ڪيو هو.اڄ 4 مختلف ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۽ بينڪنگ ڪورٽ سميت سيشن عدالت جي 2 ڪيسز ۾ پيشي هئي. جڏهن ته کيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به پيش ٿيڻو هو جتي هن هڪ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ بابت درخواست ۾ بائيو ميٽرڪ جي تصديق ڪرائڻي هئي.هاءِ ڪورٽ ۾ ٻئي درخواست ۾ عمران خان قتل جي ارادي واري ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي آهي.عمران خان دهشتگردي جي انت واري عدالت ۽ بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جتي ان جون ضمانتون منظور ڪيون ويون. جڏهن ته قتل جي ارادي ۽ توشه خانه ريفرنس ۾ هو ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ پيش نه ٿيو سندس وڪيلن عدالت کان ضمانت جي درخواست به واپس وٺي ڇڏي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب عمران خان پيش نٿو ٿي سگهي. وڌيڪ 5 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي.ايڊيشنل سيشن جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ڪهڙو طريقو آهي ته عمران خان 11 ڪورٽس ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. هن عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيو آهي. هن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ کيس ٽائيم ناهي بچيو. اهو ڪهڙو طريقو آهي. هتي فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي کيس هتي ضرور پهچڻو آهي. فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ هو ڀلي واپس هليو وڃي.جنهن کان پوءِ پيش نه ٿيڻ تي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا سيشن عدالت ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.