مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي اڄ احتساب عدالت اسلام آباد ۾ مقرر آهي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. نوازشريف طرفان سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن استدعا ڪئي ته روٽين جا ڪيس ٻڌي وٺو. اسان کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نوازشريف کي پيش ٿيڻ لاءِ هڪ کان ڏيڍ وڳي جو وقت ڏئي ڇڏيو. گذريل ٻڌڻي ۾ عدالت نوازشريف جا 24 آڪٽوبر تائين گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا هئا نوازشريف جي وڪيل عدالت ۾ 3 درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون آهن جنهن ۾ توشه خانه ريفرنس ۾ نوازشريف جي ضم ٿيل پراپرٽي کي ريليز ڪرڻ ۽ عدالت ۾ ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جون درخواستون شامل هيون.