توشه خانه ڪيس: عمران خان گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي وڪيلن اسلام آباد جي سيشن عدالت مان جاري ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.عمران خان طرفان گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ درخواست اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال 28 فيبروري تي توشه خانه بابت فوجداري ڪيس ۾ حاضر نه ٿيڻ تي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. ساڳئي ڏينهن تحريڪ انصاف چيئرمين مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻي هئي پر هو عدالت ۾ طلبي جي باوجود پيش نه ٿيو. گرفتاري وارنٽ جا نوٽيس ڏيڻ لاءِ ڪالهه اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور به وئي هئي جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ بدنظمي پڻ ٿي هئي.