توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي کان پڇاڳاڇا جي لاءِ نيب ٽيم اڊيالا جيل پهچي وئي. جيل ذريعن موجب توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان پڇاڳاڇا جاري آهي، نيب ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر مستنصر امام شاهه جي سربراهي ۾ اڊيالا جيل پهتي آهي. ذريعن موجب نيب ٽيم جو اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کان پڇاڳاڇا جو اڄ ستون ڏينهن آهي. نيب ٽيم جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪندي. ياد رهي ته توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي 8 ڏينهن جي ريمانڊ تي آهن. اهو به ذهن ۾ رهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري رکيو آهي.