توشاخاني جا تحفا، عدالت اسيمبلي ميمبرن خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توشه خاني جا تحفا اثاثا ظاهر نه ڪندڙ سمورن ميمبرن خلاف ڪارروائي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس راحيل ڪامران شيخ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ طلب ڪندي صدر سپريم ڪورٽ بار ۽ وائيس چيئرمين پنجاب بار کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت قرار ڏنو ته مطمئن ڪيو وڃي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني اليڪشن ايڪٽ تحت ڏوهه آهن نديم سرور ايڊووڪيٽ چيو ته دستاويزن ۾ اثاثا ظاهر نه ڪرڻ ايڪٽ تحت ڏوهه آهي، اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جي سزا ايڪٽ ۾ 3 سال آهي ياد رهي ته توشه خاني جا تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي اسيمبلي ميمبرن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو هو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اليڪشن ڪميشن انصاف جا تقاضا پورا نه ڪري رهي آهي درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن تحفو نه ڏيڻ وارن ميمبرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. آصف زرداري، نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ يوسف رضا گيلاني توشاخانا تحفا ظاهر نه ڪيا، اليڪشن ڪميشن انهن اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي تحائف ظاهر نه ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي.