توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي خلاف راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ فواد چوڌري عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا عدالت ۾ جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌائي وئي جنهن تي انهن چارج شيٽ ۾ لڳل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.