ثقافتي ڏهاڙو: ڪراچي کان ڪشمور، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين قومي گيتن جي گونجار، مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد

سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪراچي کان ڪشمور، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن ڪراچي ۾ مُک تقريب هر سال جيان هن سال به منعقد ٿيندي جتي سنڌ جا ناميارا گلوڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، جڏهن ته وڪيلن ڊاڪٽرن توڙي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. ڪراچي جي مختلف علائقن گلستان جوهر، گلشن حديد، گلشن اقبال، سچل ڳوٺ، اورنگي ٽائون، ملير سميت ڪلفٽن ۽ ڊفينس جي مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون وينديون لاڙڪاڻو ۾ مُک تقريب جناح باغ چوڪ وٽ ٿيندي شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن توڙي شهرين سميت مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو اجرڪ ٽوپي، پٽڪو پائي شريڪ ٿيندا. تقريب ۾ شاعر ۽ سگهڙ پنهنجي شاعري ۽ ناليوارا فنڪار قومي گيت پيش ڪندا حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏهاڙي جون مُک تقريبون سنڌ ميوزيم ۽ پريس ڪلب وٽ رکيون ويون آهن. سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قومپرست ڌرين پاران اڄ قومي عيد جي حوالي سان نڪرندڙ ريلين جي آجيان لاءِ حيدر چوڪ، حسين آباد، گدو چوڪ لطيف آباد ۽ قاسم آباد سميت مختلف هنڌن تي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رات دير تائين قومي گيتن تي نوجوان جهمريون هڻندي نظر ايندا مٽياري ۾ آن لائين انڊس نيوز پاران اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان گورنمنٽ گرلس اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو پروگرام ۾ اسڪولي شاگردن توڙي استادن سنڌ جي ثقافتي رنگن جا ڪپڙا واڍي، سنڌي ٽوپيون اجرڪون پائي مختلف لوڪ گيتن تي ڊانس ڪري ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. شهدادپور ۾ ثقافتي حوالي سان ريلين جي شروعات ٿي وئي. استادن شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري اسپيشل ايڊيوڪيشن اسڪول کان ٿيندا پريس ڪلب شهداد پور پهچي قومي گيتن تي رقص ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ڪنڌڪوٽ، نوابشاهه، ميهڙ، ميرپورساڪرو، ڏهرڪي، نئون ڪوٽ، ميرپورماٿيلو، واهي پانڌي، ڇاڇرو، قمبر وارهه، ڍورو نارو ۽ ٻين شهرن ۾ به ثقافتي رنگ جرڪي پيا آهن. باڊهه ڀٽ شاهه، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري ماڻهو رستن تي نڪري آيا.