جاتي جي ڳوٺ گل محمد ڌانڌل ۾ 16 ورهين جي نوجوان ناري کي اغوابعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي، ناري جا وارث انصاف لاءِ دربدر ٿيڻ لڳا جي يونين ڪائونسل مگرڀين جي ڳوٺ گل محمد ڌانڌل ۾ 16 ورهين جي ناري پروين ڌانڌل کي يونين ڪائونسل مگرڀين جي چيئرمين وڏيري محمد اسحاق سميجو جي پٽ مهرعلي سميجو 3 هٿياربندن احمد، سڪندر ۽ اشرف سميجو سان گڏجي رات دير سان 16 ورهين جي ناري پروين ڌيءَ ابراهيم ڌانڌل کي اغوا ڪري ويا جنهن بعد جوابدارن ناري جا هٿ پير ٻڌي چيئرمين جي پٽ مهرعلي سميجو ناري کي زبردستي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايو ناري جي وارثن گهڻي ڳولا بعد زرعي زمين تي هٿ پير ٻڌل حالت ۾ ناري کي هٿ ڪيو جنهن جي وارثن جاتي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي ۽ ميڊيڪل ڪرايو. ناري جي وارثن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نياڻي سان ظلم ٿيو آهي پوليس بااثر چيئرمين جي ونگار وهي رهي آهي جڏهن ته جوابدار سرعام اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته اسان انصاف لاءِ ايس ايس پي آفيس جا پڻ چڪر ڪاٽيا آهن پر انصاف نه پيو ٿئي ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.