ڀارت جي ارب پتي واپاري مڪيش امباڻي کي 20 ڪروڙ ڀارتي روپيه نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ ماڻهن هاڻ 200 ڪروڙ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن ڀارتي پوليس ٻڌايو هو ته مڪيش امباني کي اي ميل تي قتل جي ڌمڪي ملي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 20 ڪروڙ روپيه ادا ڪريو ٻئي صورت ۾ اسان وٽ ڀارت جا بهترين شوٽرز آهن هاڻ ڀارتي ميڊيا موجب مڪيش امباني کي ساڳئي اي ميل اڪائونٽ تان هڪ ٻئي ڌمڪي ملي آهي. ڀارتي پوليس موجب مڪيش امباني کي ملندڙ ڌمڪي ۾ هاڻ 20 ڪروڙ جي بجاءِ 200 ڪروڙ ڀارتي روپين جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اڳ واري اي ميل جو جواب نه ڏيڻ سبب رقم 20 ڪروڙ روپين مان وڌائي 200 ڪروڙ روپيه ڪئي وئي آهي ڀارتي ميڊيا موجب ڌمڪي واري اي ميل ملڻ کان پوءِ مڪيش امباني جي سيڪيورٽي انچارج طرفان نامعلوم شخص خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.