اسلام آباد: (آچر: 07 اپريل 2024ع) اعليٰ عدليه جي ججز کي ڌمڪين وارا خط اماڻڻ جي معاملي تي جاچ ٽيمن خطن ۾ ملندڙ ڪيميڪل ۽ ان جي سپلاءِ جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي مذڪوره ڪيميڪل ڪٿان کان ملندو آهي ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي ٽيمن آرسينڪ وڪرو ڪندڙن جو پتو لڳائڻ شروع ٿي ويو آهي ذريعن موجب جاچ ٽيمن اسلام آباد جي آءِ ٽين ۽ راولپنڊي ۾ نيو ٽائون ۽ ڪمرشل مارڪيٽ جي پنسار اسٽورن جو دورو ڪيو جاچ ٽيمن ٻنهي علائقن جي ويجهو واقع پنسار اسٽور جو ڊيٽا حاصل ڪيو. پنسار اسٽور تان آرسينڪ پائوڊر جي خريداري بابت پڇاڳاڇا ڪئي آهي. سي ٽي ڊي جاڙن شهرن ۾ آرسينڪ وڪرو ڪندڙن جي مڪمل ڊيٽا حاصل ڪرڻ شروع ڪئي وئي آهي ياد رهي ته اعليٰ عدليه جي ججز کي ملندڙ خطن ۾ آرسينڪ مليل پائوڊر به شامل آهي