جسٽس حسن اورنگزيب آءِ ايس آءِ چيف خلاف درخواست داخل نه ڪئي آهي: ٽوئٽ ڪوڙو قرار

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس حسن اورنگزيب آءِ ايس آءِ چيف خلاف درخواست داخل نه ڪئي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب طرفان سپريم ڪورٽ کي لکيل خط جي ترديد ڪئي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خط لکڻ جي ٽوئٽ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي جاري ڪيل پڌرائي موجب اهي ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن ته ججز جي گهر ڀاتين کي ڳجهين ايجنسين جي ڌمڪائڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي هلايو پيو وڃي ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب آءِ ايس آءِ چيف جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، سوشل ميڊيا تي هلايل اهي خبرون صحيح نه آهن اهي سموريون خبرون ڪوڙيون بي بنياد آهن.