ججز جي مقرري ڪندڙ ڪميشن جسٽس عاليه نيلم کي بطور چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت جج چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيندي. چيئرمين جوڊيشل ڪميشن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي لاءِ جسٽس شفيع محمد صديقي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور جي نالن تي غور ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي لاءِ جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس عاليه نيلم جا نالا غور هيٺ آيا.