سپريم ڪورٽ: جي سينئر ترين جج ۽ نامزد چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا جي دوري تي پهچي ويو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا ۾ ڪرسچن ڪالوني جو دورو ڪيو جتي هن سانحي ۾ متاثر ٿيل گهرن ۽ گرجا گهرن جي صورتحال جو جائزو ورتو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا جي متاثرين سان به ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي سندس گهر واري به ساڻس گڏ هئي دوري دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي کي 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر متاثر ٿيل گهٽين کي صاف نه ڪيو ويو آهي نامزد چيف جسٽس ڊپٽي ڪمشنر کي ڪرسچن ڪالوني جون گهٽيون فوري طور تي صاف ڪرائڻ جون به هدايتون ڏنيون جڙانوالا شهر جي دوري دوران جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اوهان کي هر قسم جو تحفظ ڏيڻ ۾ مدد ڪندي، انٽظاميه کي هدايت ڪريان ٿو ته بحالي جا سمورا ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيا وڃن هر شهري پاڪستان جو نمائندو آهي ان جا به اهي ئي حق آهن جيڪي ٻين جا آهن هن وڌيڪ چيو ته چرچن تي ڪوبه حملو ڪري ته مسلمانن تي فرض آهي ته ان جو تحفظ ڪن مسيحي برادري جو تحفظ حڪومتي ذميواري آهي ان ۾ ڪوبه فرق نه هجڻ گهرجي متاثرين سان ڳالهيون ڪندي فائز عيسيٰ چيو ته اوهان کي هر قسم جو تحفظ ڏيڻ ۾ مدد ڪندس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي ان لاءِ ذاتي طور تي اوهان سان ملڻ آيو آهيان ان موقعي تي متاثرين جسٽس فائز عيسيٰ کي چيو ته اسان جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي اوهان اسان کي انصاف ڏيارڻ ۾ مدد ڪريو، هتي ٻار ۽ عورتون به خوف جو شڪار آهن فائز عيسيٰ چيو ته اوهان کي ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي هر ممڪن تعاون ڪندس جنهن کان پوءِ قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري متاثرين ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري امدادي سامان ورهايو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دانش اسڪول ۾ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي جنهن کان پوءِ هو واپس روانو ٿي ويو