جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي، 7 گواهن جا بيان قلمبند

جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل 7 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا. ڪائونسل سڀاڻي وڌيڪ 4 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪندي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي فيصلن تائين ڪنهن به فيصلي تائين نه پهچندي. مظاهر نقوي جي درخواست تي ڪارروائي عوام جي لاءِ اوپن رکي وئي آهي سپريم جوڊيشل ڪائونسل موجب مظاهر نقوي رجسٽرار کي خط ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته هن خواجه حارث کان وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو آهي ڪائونسل مظاهر نقوي کي اجازت ڏني آهي ته هو ڪنهن به گواهه تي جرح ڪري سگهي ٿو سپريم جوڊيشل ڪائونسل موجب ڪائونسل جي اوپن ڪارروائي ۾ ڪوبه اچي گواهه تي جرح ڪري سگهي ٿو. اڄ جي ڪارروائي ۾ ڪنهن به گواهن تي جرح ناهي ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪائونسل وڌيڪ ڪارروائي سڀاڻي صبح 11:30 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.