جسٽس يحيٰ آفريدي چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

جسٽس يحيٰ آفريدي پاڪستان جي 36هين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس پاڪستان جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر آصف علي زرداري نئين چيف جسٽس کان حلف ورتو.تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم، پنجاب جو گورنر سليم حيدر ۽ وفاقي وزير به شريڪ هئا.انهي کان علاوه سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله به  حلف برداري تقريب ۾ شريڪ هئا. 26هين آئيني ترميم جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس لاءِ نامزد ڪيو هو.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هو پاڪستان جي عوام لاءِ قانون جي حڪمراني يقيني بنائيندو ۽ اهو به يقيني بنائيندو ته رياست جي ٽنهي ٿنڀن جي خودمختاري جو اصول ڪامياب ٿئي.