جماعت اسلامي سکر جي امير زبير حفيظ شيخ چيو آهي ته هي مني بجيٽ نه پر پاڪستانين لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهي،

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )اڳ ئي ڏکايل غريب عوام تي وڏو بار وجهي ڇڏيو آهي، ن ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ هو بند گهٽي ۾ آهن، نه اڳتي وڃي سگهن ٿا ۽ نه پوئتي، عوام اليڪشن ۾ ڪرپٽ ٽرائيڪا کي آئينو ڏيکاريندو، ٽنهي قرض وٺي ايندڙ نسلن کي آءِ ايم ايف جو مقروض بڻائي ڇڏيو، سمورن مسئلن جو حل هن ملڪ ۾ اسلامي نظام آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي خانگي شهر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو، جڏهن اهڙي حالت ۾ مهنگائي ۾ پريشان آهن ۽ پي ڊي ايم وري ٻيهر عوام مٿان هنن پيٽرول بم سان حملو ڪيو آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽجي رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پيٽرول جا اگهه وڌي رهيا آهن، حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي حڪم تي عوام تي ڳري ٽيڪس لڳائي رهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته هن عالمي اداري کان وڏا قرض ورتا، ڪٿي خرچ ٿيا ڪنهن کي خبر ناهي، 22 ڪروڙ کان وڌيڪ ملڪ جي آبادي آهي پر ملڪ پاڪستان جو هر شهري لڳ ڀڳ 2 لک روپين جو قرضي آهي جيڪو آمدني جي لحاظ کان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد پيٽرول جي قيمت وڌايل گهٽتائي عيش ۽ عشرت جا خرچ ختم ڪري ملڪ مان غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.