جماعت اسلامي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

جماعت اسلامي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف جماعت اسلامي جي صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر عدالتي فيصلي جي توهين ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي هئي ته اميدوارن کي ٻڌي فيصلو ڪيو وڃي پر چيف اليڪشن ڪمشنر اسان کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو ڪري ڇڏيو جيڪا عدالت جي توهين آهي ٻئي طرف جماعت اسلامي چونڊن بابت وائٽ پيپر آڻڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ ان حوالي سان چيو ته اليڪشن تڪراري ٿي چڪا آهن. جماعت اسلامي جي حقن کي حدف بنايو ويو لياقت بلوچ وڌيڪ يوت ه کٽڻ جو اعلان ٿيو ته ڪجهه دير کان پوءِ نتيجا تبديل ڪيا ويا. هن وقت ڪيترائي معاملا منجهيل آهن. چونڊ ڌانڌلي تي اليڪشن ٽربيونل ۽ عدالت ۾ وينداسين.