جماعت اسلامی کا آج ملک گیر احتجاج، پیٹرولیم لیوی اور ٹیکسز کے خلاف عوام سڑکوں پر نکلیں گے

حافظ نعیم الرحمان پيٽروليم ليوي ۽ ڳرن ٽيڪسن خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي۔ هن چيو ته نمازِ جمعيٰ کانپوءِ ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهو حڪومت خلاف احتجاج ڪندا۔هن الزام لڳايو ته پيٽرول تي 117 رپيا ليوي ۽ 50 رپيا ٽيڪس لڳائي عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي۔ سندس چوڻ هو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءَ هيٺ غريب عوام کان قربانيون وٺي رهي آهي، جڏهن ته حڪمران پنهنجون شاه خرچيون گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن۔حافظ نعيم الرحمان واپارين، هارين، صنعتڪارن، ٽرانسپورٽرز ۽ نوجوانن کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪندي چيو ته اڄ جو احتجاج حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات آهي، جڏهن ته عيد کانپوءِ فيصلائتي تحريڪ هلائي ويندي۔