جمعیت طلباء اسلام ضلع گھوٹکی جي سڀني يونٽن جي ڪنويئنرز ۽ ضلعي معاونن جو گڏيل اجلاس جامعہ انوار قرآن، بسم اللہ ڪالوني، گھوٹڪي ۾ منعقد ٿيو.

جمعیت طلباء اسلام ضلع گھوٹکی جي سڀني يونٽن جي ڪنويئنرز ۽ ضلعي معاونن جو گڏيل اجلاس جامعہ انوار قرآن، بسم اللہ ڪالوني، گھوٹڪي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي ڪارروائي ضلعي ڪنويئنر جناب محمد عاقب چنہ هلائي، جڏهن ته اجلاس جي صدارت ۽ خصوصي شموليت قائد طلباء جناب اسامہ محمود ھالیجوی، ڪنويئنر جمعیت طلباء اسلام صوبہ سنڌ ڪئي. هن موقعي تي قائد گھوٹڪي حافظ سراج احمد چنہ (امير جمعیت علماء اسلام ضلع گھوٹکی)، فخر نوجوان مولانا عبدالغفار چاچڑ، حضرت مولانا حماد اللہ چاچڑ، حضرت مولانا ممتاز علی چاچڑ، ۽ مير سیف الرحمن لغاري پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ تنظيمی امور تي تفصيلي غور و خوض ڪيو ويو ۽ جمعیت طلباء اسلام ضلع گھوٹکی ۾ بھرپور معاونت سازي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن مهم جي ذريعي اسڪول، ڪاليج ۽ مدارس جي طلباء کي تنظيم ۾ شموليت جي دعوت ڏيڻ جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته تنظيمی اهداف کي مؤثر انداز ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني يونٽن جي ڪنويئنرز ۽ معاونن کي بھرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن جمعیت طلباء اسلام جو پيغام نوجوان نسل تائين پهچائي سگهجي.