جناح هائوس حملو ڪيس جيل ۾ هلائڻ جو فيصلو

جناح هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب پنجاب حڪومت جوابدارن جي جيل ۾ ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن جوابدارن جو ٽرائل لاهور جي سينٽرل جيل ۾ ٿيندو، عمران خان، ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، صنم جاويد، عاليه حمزه ۽ خديجه شاهه سميت 368 جوابدارن جو ٽرائل ويزا جي بنياد تي جيل ۾ ٿيندو، ان کان علاوه عسکري ٽاور تي حملي جي ڪيسن جي به ٻڌڻي ٿيندي. سينٽرل جيل لاهور ۾ شادمان پوليس اسٽيشن به موجود آهي ان دوران دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ جناح هائوس ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس اسد عمر، عليما خان ۽ عظميٰ خان کي گرفتار ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ٽنهي جوابدارن کي جاچ ۾ ڏوهه ثابت ٿيو آهي، جنهن تي جي آءِ ٽي ٽنهي کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس ٽنهي کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، عليما خان موقعي تي موجود هئي ان کانسواءِ جناح هائوس سڪيورٽي ڪيس ۾ فرخ حبيب، حماد اظهر، ميان اسلم اقبال ۽ مراد سعيد کي جوابدار قرار ڏنو ويو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابهر گل جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو، جڏهن ته ان کان اڳ عدالت ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا. جوابدارن خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ جناح هائوس سميت 11 ڪيسن جو چالان جمع ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ عمران خان، عمر سرفراز چيما، ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، صنم جاويد ۽ خديجه شاهه شامل آهن ٻين خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان جمع ڪرايو ويو، چالان ۾ عمران خان ۽ ٻين کي جناح هائوس، عسکري ٽاور ۽ شيرپائو پل سميت 11 ڪيسن ۾ مجرم قرار ڏنو ويو