جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 268 خفيه ڪارڪنن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. تفصيل موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي 268 ڪارڪنن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ بابت پوليس جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. جج اعجاز احمد بٽ 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو عدالت پي ٽي آءِ جي 268 انڊر گرائونڊ ڪارڪنن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جناح هائوس حملي ۾ گرفتار جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ وڌيڪ 268 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدار مفرور آهن ۽ گرفتاري کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. فيصلي ۾ چيو ويو ته ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست جي اجازت ڏني وڃي ياد رهي ته ان کان اڳ جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٻن ڀينرن عليما خان ۽ عظميٰ خان کي ساٿي قرار ڏيڻ واري ڪارروائي رد ڪئي وئي هئي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ٻن ڀينرن کي ساٿي قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جاچ آفيسر موجب ٻنهي ڄڻن ڪيس ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي جاچ آفيسر موجب ضمانت جي ڄاڻ نه هجڻ سبب کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت حڪم ڏنو ته ٻئي عورتون هن وقت عبوري ضمانت تي آهن ان ڪري کين اشتهاري قرار ڏيڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت عليما خان ۽ عظميٰ خان سميت 22 پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏنو هو.