جنرل باجوه سان ذاتي دوستي هئي، اڄ به آهي: اسپيڪر پنجاب اسيمبلي

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه سان منهنجي ذاتي دوستي هئي ۽ اڄ به آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته خواجه آصف جي ڪالهوڪي ٻنهي پروگرامن ۾ بيانن سان جنرل باجوه صاف چيو هو ته هو واڌ نه پيو وٺي، مون کي اڳ ئي واڌ ملي چڪي آهي هاڻ مناسب نه آهي. هن چيو ته منهنجي جنرل باجوه سان سياسي ڳالهه ٻولهه گهٽ ٿيندي هئي، جنرل باجوه آمريڪا ۾ سفارتخاني ۾ هڪ گڏجاڻي  دوران واڌ جي ترديد ڪئي هئي. خواجه آصف جي ذهن مان شايد ڪجهه ڳالهيون نڪري ويون هجن، جنرل باجوه جي بدنيتي هجي ها ته انهي وٽ ٻيا به آپشن موجود هئا. ملڪ محمد احمد خان اهو به چيو ته مان ڪڏهن به انهي معاملي تي نه ڳالهايان ها، جنرل باجوه سان منهنجي ذاتي دوستي هئي ۽ اڄ به آهي، مان اڄ حقيقتون صحيح ڪرڻ لاءِ ڳالهائي رهيو آهيان، جنرل باجوه چيو هو ته ڪيترائي اهڙا آفيسر آهن جن جو اڳيان اچڻ سندن حق آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو معاملو حڪومت ڪندي آهي. جنرل باجوه کي واڌ ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي مسلم ليگ(ن)  ۽ ٻين پارٽين ووٽ ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف پنهنجي ملاقاتن ۾ ڪيل  ڪجهه ڳالهين جو ذڪر ڪري رهيو آهي، خواجه صاحب جي ريڪروٽ ڪندڙ ڳالهين جو مون وٽ ڪوبه ثبوت نه آهي. جنرل باجوه لوڪل ۽ عالمي ميڊيا ۾ به چئي چڪو هو ته هو واڌ نه پيو وٺي. جنرل باجوه آرمي چيف جي مقرري لاءِ سينارٽي کي هر حال ۾ آڏو رکي رهيو هو.