قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه ۽ فيض حميد کي قومي اسيمبلي ۾ طلب نٿو ڪري سگهجي نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جنرل باجوه ۽ فيض حميد کي قومي اسيمبلي ۾ طلب نٿو ڪري سگهجي ڇو ته چونڊيل نمائندن کي ڪابينه جي ميمبرن کان علاوه ڪوبه شخص قومي اسيمبلي جي فلور تي نٿو اچي سگهي پر انهن کي قائمه ڪميٽي ۾ طلب ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين جي مشاورت سان سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي ياد رهي ته گذريل مهيني صحافين سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف انڪشاف ڪيو هو ته جنرل باجوه ۽ جنرل فيض ملي اسان کان قانون سازي ڪرائيندا رهيا ۽ ان لاءِ اسان کي آءِ ايس آءِ آفيس ڏانهن وڃڻو پوندو هو.