فيصل آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي جي ڪهاڻي ڪوڙ تي ٻڌل آهي.فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي پر ملڪ جون موجوده حالتون سڀني جي سامهون آهن. اهڙيون چونڊون ٿيڻ گهرجن جنهن سان ملڪ بهتري طرف وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته جنهن ڏينهن حڪومت فيصلو ڪندي ان ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو. جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته کيس هاءِ ڪورٽ مان به گرفتار ڪري سگهياسين ٿي.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته عمران خان جيڪي قاتلاڻي حملي جون ڪهاڻيون بيان ڪري رهيو آهي اهي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، هن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڳالهائڻ نٿو اچي.