عالمي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جان ڪربي چيو آهي ته هو قطر ۽ مصر سان گڏجي غزه ۾ جنگ بندي کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندا، هن چيو ته جنگبندي کانپوءِ غزه مان 6 آمريڪين کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن ۾ هڪ عورت آهي. ٻئي طرف قطر ۽ مصر جي ثالثي ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ عارضي جنگبندي جي ستين ڏينهن حماس وڌيڪ 8 اسرائيلي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو، هڪ 21 ورهين جي ڇوڪري ۽ 40 ورهين جي عورت جي شهريت آهي. جنهن کانپوءِ 2 ٻارن ۽ 4 عورتن سميت وڌيڪ 6 اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪيو ويو، اسرائيل حماس پاران اسرائيلي يرغمالين جي آزادي کانپوءِ 30 فلسطيني قيدين کي به آزاد ڪري ڇڏيو، جيلن مان آزاد ٿيل فلسطينين ۾ 23 ٻار ۽ 7 عورتون به شامل آهن. جنگ بندي، حماس 8 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، عالمي برادري کي حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي معاهدي جي خاتمي تي ڳڻتي آهي، جنگ بندي جي مدت ۾ واڌ ۽ امن جي قيام لاءِ زور ڏنو ويو.