جوهي شھر جي رهواسي بالاڇ خان چانڊيو ۽ سندس زال سميران سومرو ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته اسان ٽي ڏينهن اڳ صوبي پنجاب جي سيشن ڪورٽ جي عدالت ۾ شريعت موجب شادي ڪري ڇڏي آھي ناري چيو ته منهنجو والد منظور سومرو لالچي قسم جو ماڻھون آھي، جنهن منهنجي شادي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائڻ چاهي پيو هنن وڌيڪ چيو ته مون کي نه ڪنهن ورغلايو آھي، نه ئي ڪنهن ڀڄايو آھي، بالاڇ خان چانڊيو کي پسند ڪندي هئس ان لاءِ ساڻس گهران نڪري ڪري شريعت محمدي موجب صوبي پنجاب جي گجرانوالا عدالت ۾ راز خوشي سان پرڻو ڪيو آھي هن چيو آهي ته والد ۽ ٻيا مائٽ منهنجي مڙس بالاڇ خان چانڊيو خلاف ڪراچي ۾ اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي منهنجي مڙس ۽ ڏيرن جي گهرن تي پوليس چڙھائيون ڪرائي حراسان ڪري اسان جي زندگي دربدر ڪري ڇڏي آھي ھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سيشن جج دادو، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته مڙس مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انصاف ڏيارائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.