مشهور اداڪارا جويريا سعود طرفان پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي يونيفارم ۾ اسٽائل کي ڪاپي ڪرڻ واريون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن. مريم نواز جي ڪجهه ڏينهن پهريان لاهور ۾ ليڊي پوليس ڪانسٽيبلز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ۾ يونيفارم پاتل تصويرون وائرل ٿيون هيون. وزير اعليٰ جي تصويرن بعد جويريا سعود به هن جي اسٽائل ۾ پنهنجون تصويرون شيئر ڪندي مشهور ٿيڻ جو خواهش به ظاهر ڪئي. جويريا سعود انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي لکيو ته مونکي به وائرل ٿيڻو آهي، انڪري وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪندي هڪ ڏينهن ماڊل بڻجي ويندس.