جوڊيشل ڪميشن اجلاس: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز لاءِ 9 ججز نامزد، چيف جسٽس ووٽ نه ڏنو

چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشڻ جو اجلاس ختم ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز لاءِ ججز جي نامزدگي جو معاملو غور هيٺ آيو، جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز لاءِ 9 ججز نامزد ڪري ڇڏيا.

جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر  ۽ جسٽس امين الدين خان شريڪ ٿيا جڏهن ته قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪميٽي اجلاس ۾ روشن خورشيد بروچه ۽  ميمبر پاڪستان بار اختر حسين به شريڪ ٿيا. حڪومت مان فاروق ايڇ نائيڪ ۽ شيخ آفتاب احمد شريڪ ٿيا.

ذريعن موجب جسٽس ڪي ڪي آغا سنڌ ۾ آئيني بينچز ۽ آئيني ڪميٽي جو سربراهه هوندو، آئيني ڪميٽي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ جسٽس عمر سيال ۽ محمد سليم جيسر تي ٻڌل هوندي.

آئيني بينچز جي لاءِ جسٽس ذوالفقار علي سانگي، جسٽس ارباب علي، جسٽس يوسف علي سيد، جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس ثنا منهاس اڪرام کي نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آئيني بينچز جي جوڙجڪ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن ۾ اڪثريتي راءِ سان فيصلو ٿيو. آئيني بينچز جي لاءِ 9 ججز جي حق ۾ 11 ووٽ وڌا ويا.

جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ اختلافي راءِ ڏني. جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي حق يا مخالفت ۾ ووٽ نه ڏنو. گذريل اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججز کي 24  نومبر تائين آئيني بينچ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.