جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ قائم ڪري ورتو. چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي جوڙجڪ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن جو اهو پهريون اجلاس هو جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن ۾ آئيني بينچ جو فيصلو 7 ۽ 5 جي حوالي سان ٿيو چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور، جسٽس منيب اختر، عمر ايوب ۽ شبلي فراز امين الدين خان جي سربراهي ۾ بينچ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو. ذريعن موجب آئيني بينچ جي لاءِ پنجاب مان جسٽس امين الدين، جسٽس عائشه ملڪ جڏهن ته سنڌ مان جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي آئيني بينچ ۾ شامل آهن. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بلوچستان مان جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان جڏهن ته خيبرپختونخواهه مان جسٽس مسرت بلالي کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.