جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس حيدرآباد تي رھبر ڪميٽي جي سربراهه جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سننڌ تحريڪ جي صدر سورھيا سنڌي، نواز شاهه ڀاڏائي، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، انور بڙدي، حيدر چانڊيو، وسيم نواز ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 اپريل تي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي جو گڏيل جلسو سن ۾ ڪيو ويندو، سنڌ ۾ بدامني اغوائن قتلام ۽ سنڌ جي زرعي زمين ڌارين جي حوالي ڪرڻ خلاف 10 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. جيئي سنڌ محاذ پاران اعلانيل اھي مظاھرا ھاڻي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران ڪيا ويندا اجلاس ۾ فيصلو ڪندي رياض علي چانڊيو کي ھڪ ڀيرو ٻيھر جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراهه چونڊيو ويو اجلاس دوران حيدرآباد ۾ پرامن احتجاجي مظاھري دوران سياسي ڪارڪنن تي تشدد لٺبازي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي وئي شھيد ھدايت لوھار جي قتل جي مذمت ڪندي سندس قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جو امن امان حڪمرانن کسي سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن ۽ چورن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، پر ڌاڙيل سريعام ماڻھو قتل پيا ڪن ھي سڀ ڪجھ حڪمران پاڻ پيا ڪن ھڪ طرف ڌاڙيل راڄ ته ٻي طرف ڪراچي حيدرآباد ۽ وڏن ننڍن شھرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌايو ويو آھي ته جيئن سنڌ جا شھري خوفزدا رھن ۽ ھر وقت پاڻ کي غير محفوظ سمجھن پنھجي تعمير ترقي ۽ حقن لاءِ سوچڻ ڇڏين ڏين سنڌ کي حڪمرانن ڌاڙيلن ۽ پوليس جي چئوطرفي عتاب ۾ اڇلايو ويو آھي. سنڌ ۾ وسيلا سڄي ملڪ کان وڌيڪ آھن پر بک جو راڄ به سنڌ ۾ آھي باقي بچيل زمين به ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڌارين جي حوالي ڪئي پئي وڃي جيڪا دراصل سنڌ جي بي زمين ھارين ۾ ورھائي وڃي ته ھو پاڻڀرا ٿي سگھن اجلاس ۾ چيو ويو ته بدامني جو شڪار ضلعن ۾ متاثر عوام وٽ وڃي ساڻن ھمدردي ڪنداسين ان ظلم خلاف جھدجھد تيز ڪئي ويندي. سيد جي ورسي کان پوءِ معنظم تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ھڪ دفعو ٻيھر پيپلزپارٽي کي سنڌ جي اقتدار اعلي تي مڙھي سنڌ ۽ سنڌين جي مستقبل وسيلن پيداواري زريعن ۽ قومي وجود تي راتاھو ھنيو ويو آھي ته جيئن ھوء وڌيڪ تيل گيس درياهه ڪوئلو ۽ ٻي سموري دولت مستقل پنجاب جي حوالي ڪري ۽ ڪرپشن جي باهه ۾ سنڌ کي ساڙيندي رھي ھاڻي ته بلوچ عوام جي مفادن ۽ وجود جي زرداري مافيه وڌيڪ بربادي تيز ڪندي ڇو ته اتي کيس نيو باپ پارٽي جي شڪل ۾ ويھاريو ويو آھي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو سنڌ اسيمبلي ھن صورت ۾ ويھڻ سنڌ جي مستقل آبادي جي وچ تي اتحاد جي بجاءِ انتشار ۽ نفرت کي جنم ڏيندو.