فيصل آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ۽ عمران خان جي لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي چڪي آهي.فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان جا سمورا حربا ناڪام ٿي چڪا آهن. اڃان به پري وارين جيلن ۾ ڪافي گنجائش آهي. پهريان اهي ڀرينداسين ان کان پوءِ ويجهين جيلن کي ڀريو ويندو. پري جون جيلون ڀرجڻ کان پوءِ لاهور ۽ راولپنڊي جون جيلون ڀرينداسين.راڻا ثناءُالله چيو ته گذريل 8 مهينن کان عمران خان فتنو پيدا ڪري رکيو آهي. عمران خان 4 سالن کان ملڪ جي لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو.وفاقي گهرو وزير چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو ضمانت جي لاءِ درخواست ڪري رهيا آهن. جيل ڀريو تحريڪ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي چڪي آهي.هن چيو ته عمران خان ملڪ جي بهتري ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوبه وقت خرچ نه ڪيو. هو روز فتني کان علاوه ملڪ کي تباهي طرف ڌڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو. هي چاهي ٿو ته ملڪ سياسي عدم استحڪام جو شڪار رهي.