لاهور: هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتار اڳواڻن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران جج جي ريمارڪس تي عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ دوران گرفتار اڳواڻن جي بازيابي ۽ آزادي جي لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي ماڻهن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي؟ ان تي درخواستگذار وڪيل چيو ته اسان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي هئي.جسٽس شهزاد وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالتن سان ڇو کيڏي رهيا آهيون، ان تي وڪيل چيو ته اهي علامتي گرفتاريون هيون، اسان ضمانت نه پيا گهرون، هنن جي حقن جي تحفظ لاءِ عدالت آيا آهيون.درخواستگذار جي وڪيل جي موقف تي عدالت ۾ ٽهڪڙا لڳا جنهن تي عدالت چيو ته اوهان ته پاڻ چئي رهيا هو ته گرفتار ڪريو، هاڻ جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته مسئلو ڪهڙو آهي؟ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي جو پٽ زين قريشي به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته مون کي گرفتار ناهي ڪيو ويو پر منهنجي والد کي گرفتار ڪيو ويو آهي مون کي پنهنجي والد سان ملاقات نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي.شاهه محمود قريشي جي پٽ جي موقف تي جسٽس شهرام چيو ته جتي قلم 144 هجي اتي هليا وڃو، اوهان کي به گرفتار ڪيو ويندو، اوهان جي به ملاقات ٿي ويندي. جسٽس شهرام جي ريمارڪس تي عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا.