جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار زال ۽ ويجهي مائٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل جوابدار زال ۽ ويجهي مائٽ کي قتل ڪري ڇڏيو بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ آچر جکراڻي ۾ جوابدار احسان جکراڻي پنهنجي زال شريفان ۽ ويجهي مائٽ دلشاد جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويندا ان حوالي سان بقا محمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوابدار احسان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال شريفان ۽ نوجوان دلشاد کي قتل ڪيو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.