جيڪب آباد :۾ 6 ڏينهن اڳ حملي ۾ زخمي ٿيل ناري فوت، وارثن جو ڌرڻو

جيڪب آباد: 6 ڏينهن اڳ گوليون هڻي زخمي ڪيل ناري زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو وارثن جو لاش رکي ڌرڻو صدر ٿاڻي جي حد سٻايو ڳڙهي ۾ پيءُ ۽ ڀائرن هٿان مرڻينگ ٿيل فائزه مگسي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏنو ناري فائزه جي سهري محمد يونس مگسي ڊي سي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو ياد رهي ته 6 ڏينهن اڳ ڳڙهي سٻايو ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري نوجوان سڪندر مگسي کي قتل ڪيو هو جڏهن ته حملي ۾ سندس زال فائزه مرڻينگ ٿي پئي هئي مقتول سڪندر مگسي جي قتل جو ڪيس صدر ٿاڻي تي مقتولڻ فائزه جي پيءُ عبدالنبي مگسي سندس ڀائرن علي بخش مگسي ۽ غفار مگسي خلاف داخل ٿيل آهي