دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، راجا بشارت ۽ زرتاج گل سميت 47 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ ڪئي. جج جوابدارن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 47 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا آهن انهن ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، راجا بشارت، زرتاج گل، اعجاز احمد چٺه سميت ٻيا شامل آهن. عدالت جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف 9 مئي جي ايڇ ڪيو گيٽ حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن ڪيس ۾ دهشتگردي جي قلمن سيون اي ٽي اي جي قلم کي چيلينج ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت درخواست تي بحث لاءِ استغاثه کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت فرد جرم جي ڪارروائي کي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته حڪم جي باوجود وڪيلن جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي سي پي او راولپنڊي سميت چئن آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.