جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر ڪامران مرتضي مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل تي صدر جي اعتراضن بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکي ڇڏيو آهي. پنهنجي خط ۾ جي يو آءِ سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي بل تي صدر آصف علي زرداري جا اعتراض گهريا آهن. خط ۾ لکيو ويو آهي ته انهي بل جي تحت ئي پارليامينٽ ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي منظوري ڏني هئي. صدر آصف علي زرداري طرفان اٿاريل اعتراضن جي ڪاپي ڏني وڃي. خط ۾ اسپيڪر طرفان انهن اعتراضن کي ايڊريس ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن جو بل اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر جي صحيح نه ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو.