جي ٽي اي 6 جي رليز کان اڳ ئي ڪجهه ملڪن ۾ پابندي جا امڪان

دنيا جي مشهور وڊيو گيم سيريز گرينڊ ٿيفٽ آٽو جي نئين قسط جي ٽي اي 6 جي باضابطه رليز کان اڳ ئي ڪجهه ملڪن ۾ ان تي پابندي يا سخت پابنديون لاڳو ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.مختلف ملڪن جون حڪومتون گيم ۾ موجود تشدد، ڏوهاري سرگرمين ۽ بالغن لاءِ مخصوص مواد تي خدشن جو اظهار ڪري رهيون آهن. وچ ايشيائي ملڪ تاجڪستان سرڪاري طور اعلان ڪيو آهي ته جي ٽي اي سيريز تي اڳ ۾ لاڳو پابندي برقرار رهندي.ميڊيا رپورٽن موجب جي ٽي اي 6 جي متوقع رليز 19 نومبر 2026 تي ٿيندي، پر ڪجهه ملڪ اڳ ئي هن مشهور گيم سيريز بابت سخت موقف اختيار ڪري چڪا آهن.