تفصيل موجب جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اجلاس جي صدارت ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ آئيني بينچ جوڙڻ تي غور ڪيو ويندو.
ٻئي طرف سنڌ ۾ آئيني بئنچ جي قيام بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ اجلاس اڄ ٿيندو. اجلاس ۾ قانون ۽ گهرو وزير ضياءُالحق، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سنڌ بار ڪائونسل کي به دعوت ڏني وئي آهي. وڌيڪ پڙهو: جڊيشل ڪميشن 7 رڪني آئيني بئنچ جوڙي ڇڏي
ياد رهي ته گذريل اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان 7 رڪني آئيني بينچ جوڙي هئي، جنهن ۾ سينيئر ترين جج جسٽس امين الدين کي بينچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. پنجاب مان جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس عائشه ملڪ کي آئيني بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچستان مان جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس جمال مندو خيل بينچ ۾ شامل آهن. اهڙي طرح سنڌ مان جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي آئيني بينچ ۾ شامل آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه مان جسٽس مسرت هلالي بينچ ۾ شامل آهن.