حب: شاهه نوراني وٽان وين ڪلٽي، ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت

ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهه نوراني کان ڪراچي ايندڙ زائرين جي وين اونڌي ٿي وئي، حادثي ۾ 7 ورهين جو ٻارڙو ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويا. رپورٽن مطابق 11 ڄڻن کي سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب حادثو زائرين جي بس کي بريڪ فیل ٿيڻ سبب پيش آيو، سمورا زائرين شاهه نوراني جي درگاهه کان واپس اچي رهيا هئا. زخمين جو تعلق ڪراچي سان آهي، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.