حب چوڪي ويجهو گڊاڻي موڙ وٽ حادثي ۾ 3ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر بعد ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي ورتو ريسڪيو عملي موجب باهه سبب 2ڪار سوارن سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ڪار ۾ ايراني پئٽرول لوڊ ٿيل هو، حادثي بعد گاڏين کي باهه وڪوڙي ورتو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۾ سراج احمد موسياڻي ۽ سندس سئوٽ خان محمد موسياڻي به شامل آهي.