حج 2027 جي رجسٽريشن جاري، 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن نالو داخل ڪرائي ڇڏيو

مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته حج 2027 جي رجسٽريشن جو عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي، جڏهن ته هيل تائين 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن.وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب رجسٽرڊ درخواستگذارن ۾ 47 هزار مرد ۽ 33 هزار عورتون شامل آهن، جڏهن ته رجسٽريشن ڪرائيندڙن جي اڪثريت جي عمر 25 کان 50 سالن جي وچ ۾ آهي.انگن اکرن موجب هڪ هزار کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي، 17 هزار ماسٽرز ڊگري هولڊرز، 21 هزار بيچلرز ۽ 12 هزار کان وڌيڪ انٽرميڊيئيٽ تعليم يافته ماڻهو پڻ حج 2027 لاءِ رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن.