“حرا سومرو: جيڪڏهن مڙس زال ۽ ٻارن جي ضرورتون پوريون ڪري، ته ٻي شادي ۾ اعتراض نه هجڻ گهرجي”

پاڪستان شوبز جي اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن مڙس منهنجون ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪري ۽ خيال رکي ٿو ته ان جي ٻي شادي ڪرڻ سان ڪو مسئلو ناهي. تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي حرا سومرو مردن جي ٻي شادي جي حق ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال جون جذباتي ۽ مالي ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي ۽ ٻي شادي جو ارادو رکي ٿو، ته عورت کي ان تي اعتراض نٿو ڪرڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو مرد ٻي شادي جو فيصلو ڪري ٿو ۽ زال ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، ته اعتراض يا ڏک نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته مڙس سار سنڀال ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسلام 4 شادين جي اجازت ڏني آهي، ته گهر واريون ان کي روڪي نٿا سگهن.