حماس جي طوفان الاقصيٰ ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 1254 ٿي ويو آهي جڏهن ته شهيد فلسطينين جو انگ 900 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي اسرائيلي جهازن غزه جي 450 هنڌن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ رهائشي عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون. غزه تي حملن جي جواب ۾ اسرائيلي شهر عسقلان تي راڪيٽ حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 2 اسرائيلي مارجي ويا. حماس جي القسام بريگيڊ تل ابيب جي بين گورين ايئرپورٽ کي به ميزائلن سان نشانو بنايو ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ اسرائيلي سفير غزه ۾ 100 کان 150 اسرائيلي يرغمالين جي حماس وٽ موجودگي جو اعتراف ڪري ورتو آهي يمن جي حوثين به غزه کي ريڊ لائن قرار ڏيندي حماس ۽ القسام بريگيڊ کي مدد جي آڇ ڪندي آمريڪا کي به وارننگ ڏني آهي ته غزه ۾ مداخلت جي صورت ۾ ڊرونز ۽ ميزائلن سان جواب ڏنو ويندو اسرائيل طرفان هٿين خالي فلسطينين تي بمباري جاري آهي. اسرائيل فوج ڪجهه ڏينهن ۾ 200 شهري هنڌن کي نشانو بنايو جنهن جي نتيجي ۾ 900 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد جڏهن ته 4600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. شهيدن ۾ 143 ٻار ۽ 105 عورتون شامل آهن تفصيل موجب قابض اسرائيلي فوج بزرگن، عورتن، زخمين ۽ اسپتالن تي وحشياڻي بمباري ڪئي، زخمين کي اسپتال کڻي ويندڙ 4 ايمبولينس تي به حملو ڪيو ويو. اسرائيل جي بحريه به ڪارروائي ۾ حصو وٺندي غزه جي سامونڊي ڪناري تي بمباري ڪئي اسرائيلي فوجين صحافين کي به بخش نه ڪيو. غزه ۾ ميڊيا آفيس تي گولا ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي صحافي مارجي ويا آهن. پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملن دوران ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا. جنگ سبب اسپتالن ۾ دوائن ۽ ٻين طبي سهوليتن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. اسرائيلي فوج غزه کان پوءِ لبنان تي به حملو ڪري ڇڏيو آهي. حملي ۾ حزب الله جا 4 ويڙهاڪ شهيد ٿي ويا. جوابي ڪارروائي ۾ اسرائيلي چيڪ پوسٽن کي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ 2 اسرائيلي فوجي مارجي ويا. اسرائيل غزه جي پٽي تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ڇڏي آهي القسام بريگيڊ اسرائيل ۾ زميني ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. حماس جي حملن ۾ هينئر تائين مارجي ويل اسرائيلي شهرين جو انگ 1254 تائين پهچي چڪو آهي جن ۾ 14 آمريڪي به شامل آهن جڏهن ته 2 هزار 800 کان وڌيڪ زخمي آهي حماس طرفان چيو ويو آهي ته مقصد حاصل ڪري ورتا آهن، ڊگهي جنگ لاءِ به تيار آهيون. ڳالهيون نه ٿينديون، اسرائيل کي سندس زبان ۾ جواب ڏنو ويندو. پهريان جنگبندي پوءِ ڳالهين جو مرحلو اڳيان وڌندو. 155 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي حماس وٽ قيد آهن. فلسطينين تي يلغار جي جواب ۾ هڪ اسرائيلي فوجي کي قتل ڪيو ويندو. غزه تي حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويل هر اسرائيلي قيدي جي فوٽيج جاري ڪئي ويندي ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسرائيل طرفان غزه جي مڪمل گهيراءُ جي اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ بجلي، تيل، کاڌو بند هجڻ سان سنگين صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. غزه ۾ بي يارو مددگار فلسطينين لاءِ انساني امداد کي نه روڪيو وڃي. عالمي برادري به فوري طور تي انساني امداد لاءِ اڳيان اچي.