حيدرآباد: بوليوارڊ مال جي سيڙپڪارن طرفان ھڙپ ڪيل رقم واپس ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو

حيدرآباد جي مشھور ڪاروباري مال بوليوارڊ مال جي سيڙپڪارن طرفان ھڙپ ڪيل رقم ۽ ڪراين جي ادائگي نه ٿيڻ تي بوليوارڊ مال انتظاميا خلاف بوليوارڊ مال جي سامھون راشد پنھور، مرتضيٰ سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي. سراپا احتجاج بڻيل متاثرن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھنن ڪروڙين روپين جي ماليت سان بوليوارڊ مال ۾ دڪان خريد ڪيا آھن پر ھنن کي مناسب ڪرايو نه ملي رھيو آھي.. ھنن چيو ته بوليوارڊ مال جي اونر ھمايون برڪت ۽ ٻين ھنن کي سنھرا خواب ڏيکاري دڪان خريد ڪرايا آھن پر ھنن کي دڪان رجسٽري به نه ڪري ڏنا ويا آھن جنھن سبب ھو سخت پريشان آھن.. ھنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته بوليوارڊ مال انتظاميا طرفان ڪيل فراڊ جو نوٽيس وٺي ھنن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.