حيدرآباد: حيدرآباد جي نجي اسڪول ۾ ڇهين جماعت جي شاگردياڻي جي مبينا آپگهات جي واقعي جي جاچ لاءِ اي ايس پي علينا راڄپر جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي اسڪول ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي علينا راڄپر چيو ته سي سي ٽي وي مان ظاهر آهي ته ڇوڪري آپگهات ڪيو آهي پر اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ڇوڪري جي عمر 12 کان 13 سال هئي
هن چيو ته ٻارڙي ذهني دٻاءَ ۾ ڇو هئي ۽ اهو قدم کڻڻ تي مجبور ڇو ٿي، استاد سمجهي رهيا هئا ته هوءَ ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهي آهي، عملي روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي پر کين اندازو نه هو ته ڇوڪري ٽپو ڏئي ڇڏيندي سندس موجب جنهن جنهن ان ڇوڪريءَ سان ڳالهايو، ان کان ڄاڻ ورتي وئي آهي، هوءَ ڪنهن سان به گهڻو نه ڳالهائيندي هئي، جڏهن ته اسڪول ۾ هر شئي ۾ حصو وٺندي هئي ۽ هڪ ايوريج شاگردياڻي هئياي اي س پي چيو اها جاچ به ڪئي پئي وڃي ته ڇا ٻاررڙي جي رزلٽ سٺي نه هئي يا گهريلو مسئلا هئا؟ اسڪول انتظاميا جي لاپرواهي به جاچي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ ڇوڪري کي چيڙائڻ يا هٿ چراند جي رخ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ياد رهي ته گذريل ڏينهن حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي نجي اسڪول ۾ درجي جي شاگردياڻي مومنا مبينا طور ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو هو