خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ روشن خيال، ترقي پسند منصف، تعليم دان ۽ سماجي اڳواڻ ناظر محمود سان ميٽ دا اٿر ۾ ڳالھه ٻولھه جو پروگرام ٿي گذريو، منصف سان ڳالھه ٻولھه کي سيشن کي امر سنڌو ماڊريٽ ڪيو امر سنڌو پروگرام جي شروعات ۾ ليکڪن سان گڏجاڻي واري سلسلي جي وضاحت ڪندي چيو ته اھا ڳالھه ٻولھه مصنف ۽ پڙھندڙ جي وچ ۾ ٽيڪسٽ ۽ معني جي وڇوٽي ختم ڪرڻ لاءِ رٿي ويئي ھئي، جنھن ۾ ليکڪ سان سندس ئي ڪيل ڪم جي باري ۾ تفصيلي گفتگو کانپوءِ پڙھندڙ ۽ منصف جي ھڪٻئي سان گفتگو ممڪن ٿي سگھي. خانه بدوش ڪيترن ئي ڏيھي توڙي پرڏيھي ليکڪن سان پروگرام ڪيا ويا ۽ انھن تي ريڊنگس جو پڻ اھتمام ڪيو ويو ان کان پوءِ ليکڪ ناظر محمود جو تعارف ڏيندي امر سنڌو چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو تعلق پاڪستان جي اندر ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪري تحريڪ سان آھي، پاڻ ھڪٻئي وقت ليکڪ، تعليم دان، تجزيئه نگار، ڪالمسٽ آھن، سندس موضوعن جي پکيڙ ترقي جي عوام دوست ماڊل کان ويندي فلمن تائين پکڙيل آھي، ڪريڊٽ تي رڳو ڪتاب ناھن پر سماجي تنظيمن اندر ڪارڪنن جي شعور سازي جو ڪم پڻ پنھنجي ٽريننگس ۾ ڪندا رھندا آھن سندس موضوعن جي حوالي سان ڪيل گفتگو ۾ ڊاڪٽر ناظر محمود پاڪستان اندر بنيادي خامين تي ڳالھائيندي چيو ته ھن رياست سان بدقسمتي اھا ٿي جو رياست ته ٺھي ويئي پر ھن جي ائين سازي جو ڪم ڪونه ٿيو نه نئون آئين ٺاھيو ويو ۽ نيئن پراڻي آئين تي ان کي ھلڻ ڏنو ويو ان ڪري آھي بنيادي خرابيون اڳتي ھلي رياستي بگاڙ جو سبب بڻيون ڇاڪاڻ ته ملڪ بنا ڪنھن آئين جي ھلايو يو. پاڪستان اندر ترقي پسند فڪر جي آبياري نه ٿيڻ تي سندس چوڻ ھو ته پاڪستان اندر تعليمي سرشتي جي اندر نصاب توڙي نيت جي خرابي آھي جنھن سان ترقي پسند سائنسي شعور جي رستا روڪ ڪئي پر گڏوگڏ تعليم ڪڏھن به ھن رياست جي ايجنڊا جو حصو نه رھي آھي ان ڪري پاڪستان جي اندر اڄ به حقيقي خواندگي جي شرح پنجاهه سيڪڙي کان مٿي نه چڙھي سگھي آھي. يونيورسٽيون ته ٺھن پيون پر انھن م معياري تعليم جي کوٽ آھي. پاڪستان جي تعليمي بجٽ پنھنجي پوري خطي ۾ ڀوٽان کان به گھٽ آھي ھن چيو ته ھن وقت به پاڪستان ۾ 12 ڪروڙ ماڻھو ٺپ پڙھيل ناھن سندس چوڻ ھو ته تعليم کي ٽن نڪتن سان ڏسي سگھبو اھي ته ڇا پڙھايو پيو وڃي؟ ڪيئن پڙھايو پيو وڃي؟ ان جو اثر ڪھڙو پئجي رھيو آھي؟ افسوس اھو آھي ته پاڪستان اندر ٽيئي انڊيڪيٽر تعليم دوست ناھن تعليم کان پوءِ عدالتي نظام تي سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ جو ته عدالتن جو ريڪارڊ بدترين رھيو آھي پاڪستان م ھڪ به اھڙو جج ڪونھي جنھن کي مثال بنائي سامھون رکي سگھجي انساني حقن جي حوالي سان پڻ سندس چوڻ ھو ته بنيادي حقن ۽ انساني حقن م فرق آھي انساني حقن جو چارٽر گڏيل قومن اوڻيھه سئو چوئتاليھه ۾ ڏنو پر دنيا جي ڪيترن ئي رياستن م اھو عمل ۾ نه اچي سگھيو آھي. سندس چوڻ ھو ته ھو ڪنھن به اھڙي جھموريت کي جھموريت نٿو مڃي جيڪا انساني حقن جي ضمانت نٿي ڏي. متبادل تاريخ لاءِ سندس چوڻ ھو ته ھڪ اقتدار ۽ پاور جي تاريخ آھي ھڪ عام ماڻھن جي تاريخ آھين. پاڪستان ۾ ٽي وڏا ماڻھو پيدا ٿيا بابا خان، جي ايم سيد ۽ غوث بخش بزنجو پر انھن کي ڪافر يا غدار قرار ڏنو ويو سندس چوڻ ھو ته جيئن ته پنجاب گھڻي آبادي وارو صوبو آھي يعني دنيا جي صرف ٻارھن ملڪن جي آبادي پنجاب کان گھڻي آھي ۽ پنجاب تيرھن نمبر تي آھي ان ڪري ان کي سدائين انتھا پسندي وڌائي ڪنٽرول ۾ ويو آھي ورنه جنھن ڏينھن پنجاب سجاڳ ٿيو ان ڏينھن نجات ممڪن ٿي سگھندي ھن فلمن تي لکيل آرٽيڪلس جي باري ۾ وضاحت ڪئي ته دنيا جي سينيما کيس فلمون ڏسڻ جي شوق کي وڌايو ۽ آھي سڀ فلمون جن جو انساني شعور کي سگھارو ڪرڻ ۾ ڪردار رھيو ھجي آھي فلمون کيس پسند آھي. ان ڏس ۾ ھو پھرين جنگ عظيم جي پس منظر م وڌنڌڙ اطالوي سينيما کي پسند ڪري ٿو جيتوڻيڪ چلي جي ماڊل ڏڪٽيٽر پنوشي جي دور ۾ مسنگ پرسنز تي ٺھندڙ اسپينش فلمن سان گڏ فرينچ فلمون ۽ گڏوگڏ جرمن ۽ ايراني سينيما پڻ پسند آھي. پاڪستان جي حوالي سان داڪٽر ناظر محمود جو چوڻ ھو ته حالتون مايوس ڪن ته ضرور آھن پر ھو مستقبل جي باري ۾ خوش فھم آھي ته آھستي سان سڀ تبديل ٿيندو پروگرام جي پڄاڻي کان پھرين ڊاڪٽر صاحب حاظرين جي ڪيترن ئي سوالن جا جواب خوش اسلوبي سان ڏنا پروگرام جي آخر ۾ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي پاران سندس ٿورا مڃيندي اجرڪ اوڍايو ويو پاڻ به آخر ۾ خانه بدوش رائٽر ڪيفي پاران اھڙن پروگرامن جي اھتمام کي سٺي روايت تسليم ڪندي ان جا ٿورا مڃيا پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، امداد چانڊيو، غفرانه، ڊاڪٽر سلمه خليل، رائو عمارہ، مريم اريب، ڊاڪٽر حسين مسرت، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ذڪيه اعجاز، ڊاڪٽر ريحانه نظير، اڪبر سومرو، نثار احمد ميمڻ، معزز علي، يوسف رستماڻي ،عبداللہ سيٺار، ارڏو اترادي، نرنجن، مدثر ڀارو، نثار شيخ، ڊاڪٽر حميد سومرو، اعجاز علي چنه، جاويد سوز ھالائي، تيمور علي خان، محبوب علي، داد خان چانڊيو، احسان چانڊيو، ڪارو، تاج جويو، عبدالفتاح ڪانڌڙو، علي حيدر مھيسر، احمد منڱريو، گلشير ڪوريجو، عرفان علي، محمد علي نظاماڻي، ويرجي ڪولھي، غلام نبي سومرو، وزير ميمڻ، داڪٽر جاويد عثمان، گلبدن جاويد، نجمه پنھور، نويد احمد، الطاف راجه شامل ھئا.