حيدرآباد:(پ_ر) عورت آزادي مارچ جي موبلائيزيشن لاء مختلف ادارن ۽ تنظيمن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو زور شور سان جاري آھي وومين ايڪشن فورم جي وفد پاران عوامي ورڪر پارٽي جي آفيس جو دورو ڪيو ويو .ڊاڪٽر حسين مسرت عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ۽ عورت آزادي مارچ جي اھميت بابت ڳالھايو. امر سنڌو ملڪ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي سماج ۾ عورت جي بيھڪ ۽ حيثيت بابت ڳالھايو انتھا پسندي وارن لاڙن جي واڌ تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. امر سنڌو گڏجاڻيءَ ۾ شامل ڪامريڊ فروا ٿلھو ۽ ڪامريڊ سنجھا چنا پاران پڇيل سوالن جا جواب پڻ ڏنا گڏجاڻي ۾ عوامي ورڪر پارٽي سنڌ جو صدر ڪامريڊ ضياء ڀٽي، سينئر وائيس پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ حيدرآباد سرفراز ڇلگري، ڊسٽرڪٽ حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري درياءَ خان چانڊيو، ڊسٽرڪٽ حيدرآباد جو سيڪريٽري سنجھا چنا .۽ ڍسٽرڪٽ ايجوڪيشن سيڪريٽري فروا ٿلھو۽ پي ار ايس ايف جا نمائندا پڻ موجود ھئا .سڀني عورت ازادي مارچ ۾ شرڪت جي حامي ڀري وومين ايڪشن فورم جي وفد پاران گورنمنٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد جو دورو ڪري سڀني پروفيسرز ۽ شاگردياڻين کي عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. گورنمنٽ گرلز قاسم آباد ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڪلٽوم سمون ۽ ٻين پاران دعوت قبول ڪئي وئي ۽ شرڪت جي خاطري ڪرائي وئي. وفد ۾ امر سنڌو، ڊاڪٽر حسين مسرت، نجمہ پنھور ۽ نسيم اختر جلباڻي شامل ھيون