حيدرآباد پريس ڪلب آڏو فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي احتجاجي ڌرڻو

راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو تي ٿيل تشدد ۽ قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، سول سوسائٽي، صحافين، وڪيلن، شاگردن سميت عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي احتجاجي مظاهري ۾ اسد شاهه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ معصوم فاطمه جي قتل جي الزام ۾ کيس ڦاهي ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ قومرپست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اقبال ملاح، حسين مسرت، فرحين مغل، ثمر جتوئي ۽ ٻين طرفان اسد شاهه خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مختلف اڳواڻن چيو ته اسد شاهه جهڙا ڪيترائي ماڻهو اڄ به پنهنجن گهرن ۽ حويلين ۾ معصوم ٻارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪري رهيا آهن جنهن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قانون سازي جي ضروت آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسد شاهه جي بيان کي عوام آڏو آندو وڃي ۽ فاطمه جي رپورٽ جي بنياد تي کيس سرعام ڦاهي ڏني وڃي